SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ORP Open and Reform Policy

(click word to listen sound
  • 🔊
  • orp
  • oupən
  • ænd
  • rifɔːm
  • pɔləsiː
  • )

From the Dictionary of International Relations:

ORP Open and Reform Policy

اوپن ائنڊ رفارم پاليسي

نئين سڌارن ڀري نيتي

چين جي نامياري اڳواڻ ”ڊين، زيائو، پنگ“ طرفان متعارف ڪرايل معاشي پاليسي (ڊسمبر 1978ع)، جنهن ۾ ”چيني خاصتين واري سوشلزم“ تي زور ڏيندي، سخت ڪميونسٽ اصولن تي بيٺل چيني معيشيت کي آزاد منڊيءَ جي نظرين سان گڏي، هڪ لچڪدار معاشي پرو گرام ڏنو ويو. ان پروگرام ۾ خانگي واپار، انفرادي ملڪيت ۽ ادارن جي قيام کي ساراهيندي، چيني عوام لاءِ سکي ۽ معياري زندگيءَ جو تصور متعارف ڪرايو ويو. اهو تصور چين جي باني ”مائوزي تونگ“ جي ”ثقافتي انقلاب“، ”اجتماعيت“ ۽ ” عظيم اڳڀرائيءَ“ واري فڪر جي بالڪل ابتڙ ثابت هو. ”نئين سڌارن ڀري نيتيءَ“ جو پهريون دور 1978ع کان شروع ٿيو ۽ ٻئي دور ۾ 1980ع جي ڏهاڪي ۾ اهو لاڙو تمام گهڻو مضبوط ٿيو. انهن ٻنهي دورن ۾، زرعي شعبي ۾ گڏيل ٻنين (Collective Forms) جو خاتمو، پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جي آجيان ۽ ڪاروباري طبقي کي خانگي ادارا قائم ڪرڻ جي اجازت ممڪن بڻائي وئي. هن پاليسيءَ جي ابتدائي دور ۾ چين جا اڪثر صنعتي ادارا رياستي ڪنٽرول هيٺ رهيا، پر بعد ۾ انهن ادارن ۾ به خانگي ڀائيواري، ڪندي قيمتن تان سرڪاري ضابطا هٽايا ويا. ان سان گڏ سيڙپڪارن کي موڙيءَ جي تحفظ جون ضمانتون مليون ۽ تيل جي صنعت ۽ بئنڪن کان سواءِ هر شعبي کي سرڪاري مداخلت کان مڪمل طور ”آزاد“ ڪيو ويو. انهن تبديلين جي ڪري چيني معيشيت تمام گهڻي سگهاري ٿي وئي ۽ ان جي واڌ جي شرح تقريبن 10 سيڪڙي کي وڃي پهتي. نتيجي ۾ چين اقتصادي ترقيءَ جي لحاظ کان آمريڪا سان ڪلهو هڻڻ شروع ڪيو. انهن سڌارن سبب چين ۾ غربت گهٽي، قومي دولت وڌي ۽ چين جو بين الاقوامي سياست توڙي معيشيت ۾ اثر تمام گهڻو وڌيو. انهن تبديلين سبب چين اڄ دنيا ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو.


Remember Me Also:

پادري

ذ. [لاطيني. پئٽر] ”فادر“ جو بگڙيل لفظ. عيسائين ۾ مذهبي رسمون ادا ڪندڙ ۽ سکيا ڏيندڙ عالم.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal